درگاهه لعل پير بادشاهه

درگاهه لعل پير بادشاهه: لعل پير جو روضو مهيسر اسٽاپ کان 3 ڪلوميٽرن جي مفاصلي تي ريلوي لائين جي اوڀر طرف مهيسري واهه جي ڪَڙ سان تعلقي گهوٽڪيءَ ۾ آهي. هن بزرگ جو نالو سيد لعل محمد شاهه آهي، ماڻهو کيس عقيدت وچان ‘لعل پير’ ڪري سڏيندا آهن. پاڻ پنهنجي وقت جو ڪامل ولي ٿي گذريو آهي. هي بزرگ روهڙيءَ جي مشهور رضوي سادات مان هو. سندس نسب جو سلسلو سيد محمد مڪي رحه سان ملي ٿو. هن بزرگ جو زمانو يارهين صدي هجري/ سترهين صدي عيسويءَ وارو آهي. هي بزرگ پنهنجي ڪن عزيزن ڏانهن اُچ شريف وڃي رهيو هو ته واٽ تي ڀيلارن جي ڳوٺ وٽ (ڀيلار ڳوٺ پني عاقل کان ٽن ڪلو ميٽرن جي مفاصلي تي گهوٽڪي ويندڙ نيشنل هاءِ وي تي آهي.) چورن کيس شهيد ڪري ڇڏيو. درگاهه تي وڏو ميلو لڳندو هو، جيڪو گذريل چند سالن کان قبائلي جهيڙن سبب نه پيو لڳايو وڃي. ميلي ۾ راڳ رنگ، ملاکڙو، پڃري کڻڻ ۽ زور آزمائيءَ جا مقابلا ٿيندا هئا. سندس قبي جي ڀرسان هڪ ٻيو عاليشان قبو پڻ آهي، جيڪو حضرت سلطان باهو جي خليفي مخدوم محمد صديق سيهڙ جو آهي. مخدوم صاحب جو لعل پير سان روحاني لڳاءُ هو. اهو سلسلو اڄ تائين هلندڙ آهي. لعل پير جي درگاهه جي سجاده نشيني روهڙيءَ جي ڪوٺائي ساداتن وٽ آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو